حيدرآباد ناٽڪ منڊلي

حيدرآباد ناٽڪ منڊلي: 1931ع ڌاري ناٽڪ جي فن سان چاهه رکندڙ حيدرآباد سنڌ جي شهرين هڪ منڊلي قائم ڪئي، جيڪا ’حيدرآباد ناٽڪ منڊليءَ‘ جي نالي سان مشهور ٿي. هن منڊليءَ ۾ ان وقت جي مشهور سنڌي شاعر ليکراج عزيز جا ناٽڪ: ’ڪمار اجيت سنگهه‘ ، ’مسٽر مجنون‘، ’هار جيت‘ ۽ ’غريبان مار‘ اسٽيج ڪري وڏي مقبوليت ماڻي. هنن ڊرامن ۾ حصو وٺندڙن ۾ مکيه اداڪار مولچند ليلا رام سنگهه، آتو لعلواڻي ۽ ڀُڏو آڏواڻي هئا. هن منڊليءَ، برک اديب ۽ ناٽڪ ڪار محمد عثمان ڏيپلائيءَ جا مشهور ناٽڪ ’نورجهان جو پٽ‘، ’سجائي موڙي‘ ۽ ’ڪانگريس‘ ۽ ايل. ايل. ڏوڏيجا جو ناٽڪ ’شاديءَ جون ٻيڙيون‘ به اسٽيج تي پيش ڪيا هئا.


لفظ حيدرآباد ناٽڪ منڊليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو